خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو تصنيف ڪيل آهي، جيڪو هن ڊي فل جي ڊگريءَ لاءِ هڪ تحقيقي مقالي طور لکيو هو. هن ڪتاب ۾ خيرپور جي جاگرافي، خيرپور جو تعارف، قديم آثار، ٽالپرن جو حسب نسب، اوائلي احوال، ٽالپرن جي سياسي تاريخ ۽ ان ۾ خيرپور جي ميرن جو حصو، خيرپور جا حڪمران، خيرپور ٽالپرن جو ملڪي نظام، خيرپور جي ٽالپرن جو ادب، تعليم ۽ تدريس ۾ حصو، ميرن جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو، سنڌي ٻوليءَ جو خيرپوري لهجو، ميرن متعلق لطيفا، ميرن جو گهريلو لوڪ ادب، مشاهير خيرپور، فوجي سردار ۽ سرائي، مخدوم قاضي ۽ عالم پير، فقير ۽ شاعر وغيره جهڙن عنوانن سان پندرهن باب آهن، جن ۾ وسيع تحقيقي معلومات ڏنل آهي. ڪتاب ۾ ميرن جي شجرن سان گڏ ميرن جي ڪلام جي ڏسڻي به ڏنل آهي. ڪتاب جي وچ ۾ خيرپور جي ميرن سميت مشهور پيرن بزرگن، عالمن ۽ اهم شخصيت جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن. ڪتاب ۾ پبلشر پاران نوٽ ثقافت کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري شمس جعفراڻي، پيش لفظ ڊاڪٽر عطا محمد حامي ۽ مقدمو به ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ فيض محل، سچل سرمست جي درگاهه، ڪوٽ ڏيجي جي قلعي سميت سنڌ جي نقشي جون رنگين تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. 387 صفحن جي پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو 2009ع ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي. ان جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو